1.سموئيل 5:10 - Muslim Sindhi Bible10 تڏهن وري هنن خدا جي عهد واري صندوق عقرون شهر ڏانهن موڪلي ڏني. جيئن ئي اها عقرون ۾ پهتي تہ اُتي جا ماڻهو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هنن بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي مارڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible10 تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي. Faic an caibideil |
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.