1 فلستين خدا جي عهد واري صندوق هٿ ڪرڻ کان پوءِ، اها عبنعزر مان کڻي اشدود شهر ۾ آندي.
1 هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.
پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.
اشور جي شهنشاهہ سرجُون پنهنجي لشڪر جي سپهہسالار اعليٰ کي فلستين جي شهر اشدود تي حملو ڪري شهر فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سو هن انهيءَ شهر تي ڪاهہ ڪئي.
خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘
عناق جي اولاد مان ڪنهن کي بہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيئرو نہ ڇڏيو ويو، رڳو غزہ، جات ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.
سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.
انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبنعزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.
خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
هوءَ ائين چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي صندوق کانئن کسجي ويئي آهي.“
سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا،
پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبنعزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“