Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 4:8
8 Iomraidhean Croise  

فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون، فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


هن دفعي آءٌ نہ رڳو تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت تي، بلڪ تنهنجي مٿان بہ تمام گھڻيون مصيبتون موڪليندس، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ سڄي دنيا ۾ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.


تڏهن هو ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هنن جا معبود هنن جي لشڪر‌گاهہ ۾ آيا آهن. هاڻي اسان سان ويل ٿيو! هن کان اڳ تہ اسان جو ههڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو هو.


اي فلستيؤ! مضبوط ٿيو ۽ مڙسي ڪريو، متان اوهين عبرانين جا غلام نہ بڻجي وڃو جيئن هو اوهان جا بڻيا هئا. سو مڙس ٿي وڙهو.“


اشدود جي ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق هاڻ اسان وٽ وڌيڪ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي خدا پنهنجو ڳرو هٿ کنيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan