Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق لشڪر‌گاهہ ۾ اچي پهتي، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خوشيءَ مان ايڏا تہ زور سان واڪا ڪيا جو زمين ڌڏڻ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 4:5
10 Iomraidhean Croise  

صدوق ڪاهن ۽ ابي‌ياتر بہ انهن سڀني لاوين سان گڏ آيا، جيڪي خدا جي عهد واري صندوق کڻي هليا هئا. هنن خدا جي عهد واري صندوق تيستائين اتي رکي ڇڏي، جيستائين سڀ ماڻهو شهر مان نڪري پار نہ ٿيا.


پوءِ اهي سڀ ماڻهو موٽ تي ڏاڍيون خوشيون ڪندي ۽ بانسريون وڄائيندي سندس پٺيان لڳي آيا، ايتري قدر جو انهن جي آواز سان زمين ڌُڏِي ٿي ويئي.


’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


ائين چوڻ سان اوهين مصيبت جي ڏينهن کي نظرانداز ڪري ظالم جي حڪمراني قائم ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجو.


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


جڏهن ماڻهن نفيلن جو ڊگھو آواز ٻڌو ۽ وڏي آواز سان وٺي واڪا ڪيائون، تڏهن شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پيو. پوءِ ماڻهو نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وڃي هٿ ڪيائون.


پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“


جڏهن هو لحيءَ جي هنڌ وٽ اچي پهتو تڏهن فلستي رڙيون ڪندي مٿس چڙهي آيا. تڏهن خداوند جو روح هن تي زور ساڻ نازل ٿيو ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن ۽ هٿن جي چوڌاري ٻڌل هئا تن کي هن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ تہ اُهي سڙيل سڻيءَ مان ٺهيل هئا.


فلستين جڏهن انهن واڪن جو آواز ٻڌو تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ”عبرانين جي لشڪر‌گاهہ ۾ هيڏن وڏن واڪن جو مطلب ڇا آهي؟“ پوءِ جڏهن کين خبر پيئي تہ خداوند جي عهد واري صندوق لشڪر‌گاهہ ۾ آئي آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan