1.سموئيل 4:3 - Muslim Sindhi Bible3 جڏهن بني اسرائيل جا باقي ماڻهو لشڪرگاهہ ۾ موٽي آيا تڏهن انهن جي اڳواڻن چيو تہ ”خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان ڇو شڪست ڏياري؟ اچو تہ خداوند جي عهد واري صندوق سيلا شهر مان هتي پاڻ وٽ کڻي اچون، انهيءَ لاءِ تہ اها اسان وٽ هجي تہ جيئن اسين پنهنجن دشمنن کان بچايا وڃون.“ Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.