1.سموئيل 4:10 - Muslim Sindhi Bible10 تڏهن فلستين سخت جنگ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي شڪست ڏنائون. پوءِ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. تمام گھڻي خونريزي ٿي ۽ بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار ماڻهو مارجي ويا. Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا. Faic an caibideil |
جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.