Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبن‌عزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 4:1
14 Iomraidhean Croise  

ٻئي سال هن پنهنجو ارامي لشڪر ڪٺو ڪيو ۽ اسرائيل وارن سان وڙهڻ لاءِ افيق شهر ڏانهن ويو.


باقي ٻيا جيڪي بچيا سي افيق شهر ۾ اندر ڀڄي ويا جتي انهن بچي ويلن مان ستاويهہ هزار ماڻهن مٿان ڀت ڪري پيئي. بن‌هدد پڻ شهر ۾ ڀڄي هڪڙي گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو.


جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.


اڄوڪي ڏينهن اوهين، اوهان جا سردار، اوهان جا اڳواڻ، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون ۽ اوهان جي خيمي‌گاهہ ۾ رهندڙ ڌاريا، مطلب تہ اوهان جي ڪاٺيرن ۽ پخالين تائين بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو.


افيق جو بادشاهہ، لشرون جو بادشاهہ،


هي زمين بہ رهيل آهي: ڪنعانين جو سڄو علائقو، صيدانين جي شهر مغارہ کان وٺي اتر ۾ افيق يعني امورين جي علائقي تائين،


ينيم، بيت‌تفوح، افيقہ،


عمہ، افيق ۽ رحوب بہ شامل هئا، ڪل ٻاويهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


فلستين پنهنجا سمورا لشڪر آڻي افيق شهر وٽ گڏ ڪيا، جڏهن تہ بني اسرائيل پنهنجا خيما يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ چشمي وٽ کوڙيا هئا.


تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جنهن کي جيڪو بہ ٻڌندو تنهن جا ڪن وڄي ويندا.


فلستين بني اسرائيل جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ جنگ شروع ڪيائون. سخت جنگ کان پوءِ هنن بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ جنگ جي ميدان ۾ بني اسرائيل جا اٽڪل چار هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.


فلستين خدا جي عهد واري صندوق هٿ ڪرڻ کان پوءِ، اها عبن‌عزر مان کڻي اشدود شهر ۾ آندي.


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan