Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6-7 خداوند وري کيس سڏ ڪيو تہ ”اي سموئيل!“ جيئن تہ سموئيل خداوند کي اڃا ڪين سڃاڻيندو هو ۽ نہ وري خداوند جو فرمان اڃا مٿس ظاهر ٿيو هو، سو هو اُٿي وري عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تڏهن عيليءَ ورندي ڏنس تہ ”منهنجا پٽ! مون تو کي ڪونہ سڏيو. موٽي وڃي سمهي رهہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 3:6
6 Iomraidhean Croise  

جڏهن هن اکيون کڻي نهاريو ۽ پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيامين کي ڏٺو، تڏهن چيائين تہ ”اوهان جو ننڍو ڀاءُ هي آهي، جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟“ پوءِ هن کي چيائين تہ ”ٻچا، شل خدا تو تي پنهنجو فضل ڪري!“


تنهن تي صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ”ڇا بہ ٿي پوي، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ سوڊانيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان.“ يوآب پڇيس تہ ”اي منهنجا پٽ! جڏهن تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهيءَ خبر جي عيوض تو کي ڪوبہ انعام نہ ملندو، تڏهن تون ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟“


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“


پوءِ هو ڊوڙي عيليءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تنهن تي عيليءَ چيس تہ ”مون تہ تو کي ڪونہ سڏيو. وڃ ۽ وڃي سمهي رهہ.“ سو هو وري وڃي ليٽيو.


”آءٌ جنگ مان بچي اڄ ئي لشڪر مان ڀڄندو اچي هتي پهتو آهيان.“ عيليءَ پڇيس تہ ”منهنجا ٻچا! جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan