4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو. هن وراڻيو تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“
4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“
تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“
موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.
جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“
پوءِ مون پروردگار جو آواز ٻڌو، جنهن فرمايو تہ ”هتي ڪير آهي، جنهن کي آءٌ موڪليان؟ ڇا ڪو اسان جي لاءِ ويندو؟“ تڏهن مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان. مون کي موڪليو.“
تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“
خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.
پوءِ هو ڊوڙي عيليءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تنهن تي عيليءَ چيس تہ ”مون تہ تو کي ڪونہ سڏيو. وڃ ۽ وڃي سمهي رهہ.“ سو هو وري وڃي ليٽيو.