Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر عيليءَ کيس سڏي چيو تہ ”اي سموئيل! منهنجا پٽ!“ سموئيل وراڻيس تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 3:16
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘


تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“


تڏهن بوعز رُوت کي چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون هن ٻنيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ ٻنيءَ ۾ سنگ ميڙڻ نہ وڃ، بلڪ هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏجي ڪم ڪر.


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


عيليءَ پڇيس تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جا خداوند تو کي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن خدا جي چيل انهن سڀني ڳالهين مان ڪابہ مون کان لڪائيندين تہ خدا شل تو سان سختيءَ وارو سلوڪ ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan