Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جنهن کي جيڪو بہ ٻڌندو تنهن جا ڪن وڄي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 3:11
11 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جي ڪنن مان زوڪٽ نڪري ويندا.


ياد رک، ان جي شڪار جي اميد اجائي آهي، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڏسڻ شرط ماڻهو ڦهڪو ڪري ڪري پوندو.


جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.


تنهنڪري ڏسو، آءٌ هن قوم ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم. ان وقت انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ سندن عقلمندن جو عقل خطا ٿي ويندو.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو، ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان، جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.


جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


پوءِ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳي وانگر سڏ ڪري چيائينس تہ ”سموئيل! اي سموئيل!“ تنهن تي سموئيل ورندي ڏنس تہ ”حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.“


تڏهن فلستين سخت جنگ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي شڪست ڏنائون. پوءِ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. تمام گھڻي خونريزي ٿي ۽ بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار ماڻهو مارجي ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan