Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 27:9 - Muslim Sindhi Bible

9 دائود جڏهن بہ سندن علائقو فتح ڪندو هو تڏهن ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو. هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ ۽ سندن ڪپڙا کڻي موٽي اڪيس وٽ ايندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ دائود انهي ملڪ کي فتح ڪيو، ۽ ڪوبہ مرد يا زال جيئرو نہ ڇڏيائين، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گڏهہ، ۽ اُٺ، ۽ ڪپڙا کڻي ويو؛ پوءِ موٽي اڪيس وٽ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 27:9
9 Iomraidhean Croise  

خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻ‌پٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.


اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


پوءِ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي شور تائين، جيڪو مصر جي اوڀر پاسي آهي، ماريندو آيو.


هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو پڪڙيو ۽ باقي سڀني ماڻهن کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan