Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 27:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود پنهنجي ڇهہ سؤ ماڻهن سميت نڪري جات شهر جي بادشاهہ اڪيس ولد معوڪ وٽ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 27:2
7 Iomraidhean Croise  

جڏهن دائود، سائول ولد قيس کان ڀڄي وڃي صِقلاج ۾ لڪي رهندو هو، تڏهن ڪجھہ ماڻهو اچي ساڻس شامل ٿيا هئا. اهي جنگي جوڌا هئا، جن اچي جنگ ۾ سندس مدد ڪئي.


پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.


اڪيس جي نوڪرن چيو تہ ”ڇا هي پنهنجي ملڪ جو بادشاهہ دائود تہ نہ آهي؟ انهيءَ بابت ئي عورتن نچندي ائين ڳايو هو تہ ’سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.‘“


تڏهن دائود پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي.“ سو هر ڪنهن پنهنجي تلوار ٻڌي. دائود بہ پنهنجي تلوار کنئي. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو دائود سان گڏ روانا ٿيا ۽ ٻہ سؤ ماڻهو سامان وٽ رهي پيا.


دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“


تڏهن دائود ۽ سندس ڇهہ سؤ ماڻهو اُٿي هليا ۽ بسور جي برساتي نهر وٽ اچي پهتا. انهن مان ٻہ سؤ ماڻهو، جيڪي ٿڪجي پيا هئا سي نهر پار ڪري نہ سگھيا ۽ اتي ئي ترسي پيا. پر دائود پنهنجي باقي چئن سؤن ماڻهن سان پيڇو جاري رکيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan