1.سموئيل 26:9 - Muslim Sindhi Bible9 پر دائود چيس تہ ”هن کي نہ مار، ڇاڪاڻ تہ ڪير آهي جيڪو خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کڻي ۽ پوءِ بہ بيگناهہ رهي؟“ Faic an caibideilSindhi Bible9 ۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟ Faic an caibideil |
پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آسپاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“