Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 26:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن سائول بني اسرائيل جا ٽي هزار چونڊ ماڻهو ساڻ ڪري، دائود کي ڳولڻ لاءِ هڪدم زيف جي بيابان ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن سائول اُٿيو ۽ پاڻ سان اسرائيل جا ٽي هزار چونڊيل ماڻهو وٺي زيف جي بيابان ڏي ويو، انهي لاءِ تہ زيف جي بيابان ۾ دائود کي ڳولي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 26:2
7 Iomraidhean Croise  

موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.


سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.


ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.


تڏهن سائول سڄي بني اسرائيل مان ٽي هزار چونڊ جوان وٺي، دائود ۽ سندس ماڻهن جي ڳولا ۾ جھنگلي ٻڪرين وارين ٽڪرين جي اوڀر پاسي ويو.


رستي ۾ هو رڍن جي واڙن وٽ اچي پهتو جتي هڪڙي غار هئي. سائول حاجت رفع ڪرڻ لاءِ انهيءَ غار ۾ گھڙي ويو. اتفاق سان انهيءَ ئي غار جي اندرين حصي ۾ دائود پنهنجي ماڻهن سميت لڪو ويٺو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan