Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 26:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي سائول جي سيرانديءَ کان کڻائي ورتي ۽ ٻيئي ڄڻا روانا ٿي ويا. کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي ۽ نہ وري ڪو جاڳيو ئي. هو سڀ ستا پيا هئا، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن سڀني تي گَهري ننڊ موڪلي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ دائود اهو نيزو ۽ اُها پاڻي جي صراحي سائول جي سيرانديءَ کان کڻي ورتي؛ ۽ هو هليا ويا، ۽ کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي، نڪو ڪو جاڳيو: ڇالاءِ جو سڀ سُتا پيا هئا؛ جو خداوند وٽان گهري ننڊ اچي هنن تي پيئي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 26:12
7 Iomraidhean Croise  

سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ اچي ويئي ۽ وڏي هيبتناڪ اونداهي مٿس ڇانئجي ويئي.


پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس.


انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.


تڏهن دائود اتان ٻئي پاسي هليو ويو ۽ پري وڃي جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو تہ جيئن سندن وچ ۾ گھڻو مفاصلو رهي.


سو انهيءَ رات دائود ۽ ابي‌شي سائول جي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿيا ۽ ڏٺائون تہ سائول خيمي اندر ستو پيو هو. سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کتو پيو هو. ابنير ۽ لشڪر جا ٻيا ماڻهو سندس چوڌاري ستا پيا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan