1.سموئيل 24:9 - Muslim Sindhi Bible9 ۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟ Faic an caibideilSindhi Bible9 ۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟ Faic an caibideil |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘