Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 24:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 24:4
13 Iomraidhean Croise  

هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“


جيڪي بہ مون سان گڏ رهن ٿا، ڇا تن شاهدي نہ ڏني آهي تہ منهنجي دسترخوان تان ڪوبہ مهمان گوشت سان ڍءُ ڪرڻ کان سواءِ نہ ويو آهي؟


اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


پر جيڪڏهن هن جو مارڻ جو ارادو نہ هو، مگر انهيءَ واقعي ۾ مون خدا جي مرضي ائين هئي، تہ پوءِ آءٌ هڪڙي جڳهہ مقرر ڪندس، جتي هو وڃي پناهہ وٺي.


پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.


کيس چيائين تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ تو تائين ڪين پهچندو، بلڪ تون بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين ۽ تو کان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو. انهيءَ ڳالهہ جي منهنجي پيءُ سائول کي بہ خبر آهي.“


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“


ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘


تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.


خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan