Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 24:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن دائود اهي ڳالهيون سائول کي چئي بس ڪئي، تڏهن سائول چيس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو سچ پچ تون ئي آهين؟“ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 24:16
13 Iomraidhean Croise  

ان وقت سائول دائود جو آواز سڃاڻي ورتو. سو چوڻ لڳس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو تنهنجو ئي آواز آهي؟“ دائود وراڻيس تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اهو منهنجو ئي آواز آهي.“


پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.


سچيون ڳالهيون ڪيتريون نہ اثرائتيون ٿينديون آهن! پر اوهان جا دليل تہ بلڪل بي‌اثر ۽ بيڪار آهن.


تڏهن عيسوءَ کيس گڏجڻ لاءِ وٺي ڊڪ پاتي. کيس ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي چميائينس ۽ ٻيئي ڄڻا روئي ويٺا.


صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي.


ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو.


تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


مون تنهنجو ڪو ڏوهہ نہ ڪيو آهي پر تون جنگ ڪري مون سان بدي ٿو ڪرين. ڀلي تہ اڄ منصف خداوند بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ فيصلو ڪري.“


اڄ جهڙيءَ طرح توهان جي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تهڙيءَ طرح شل منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي ۽ شل هو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.“


عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


تون منهنجي ڪيس جي وڪالت ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ، تون پنهنجي ڪيل قول موجب مون کي حياتي عطا ڪر.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan