Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 23:4
14 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“


اليشع وڌيڪ چيو تہ ”ائين ڪرڻ خداوند جي لاءِ تمام آسان آهي، هو موآبين کي بہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيندو.


تڏهن دائود خدا کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي حملو ڪريان؟ ڇا تون مون کي مٿن فتح ڏيندين؟“ خداوند کيس وراڻيو تہ ”وڃ مٿن حملو ڪر، آءٌ تو کي انهن تي فتح ڏيندس.“


تڏهن اوهين پنهنجي لڪي ويهڻ واريءَ جاءِ مان نڪري شهر تي وڃي قبضو ڪجو. خداوند خدا اهو اوهان جي حوالي ڪندو.


تڏهن جِدعون خدا کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون تي ناراض نہ ٿئين، تہ آءٌ هڪڙو دفعو وري عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري هڪڙو دفعو وري بہ مون کي هن اُنَ سان آزمائش وٺڻ ڏي. هن دفعي اُنَ سڪل رهي ۽ باقي آس‌پاس واري سڄي زمين تي ماڪ پوي.“


تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جن ٽن سَون ماڻهن پاڻي لَڪي پيتو آهي، تن جي وسيلي آءٌ اوهان کي ڇڏائيندس ۽ مديانين کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس. باقي ٻيا سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر هليا وڃن.“


انهيءَ ئي رات خداوند جِدعون کي چيو تہ ”اُٿ ۽ هيٺ لهي خيمي‌گاهہ تي حملو ڪر، آءٌ تو کي مٿس سوڀ ڏيندس.


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


پر دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اسين تہ هتي يهوداہ ۾ ئي ويٺا ڊڄون، سو جيڪڏهن اسين قعيلہ ڏانهن وڃي فلستي لشڪر جي مقابلي ۾ بيهنداسين تہ اسان کي ڪيڏو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟“


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏانهن ويا ۽ وڃي فلستين سان وڙهيا. انهن ۾ ڏاڍي خونريزي ڪيائون ۽ سندن چوپايو مال ڪاهيائون. اهڙيءَ طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan