Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 23:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اسين تہ هتي يهوداہ ۾ ئي ويٺا ڊڄون، سو جيڪڏهن اسين قعيلہ ڏانهن وڃي فلستي لشڪر جي مقابلي ۾ بيهنداسين تہ اسان کي ڪيڏو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 23:3
7 Iomraidhean Croise  

آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“


خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي، تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟ جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو، تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟


دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي. جڏهن دائود زيف جي بيابان جي ٻيلي منجھہ هو،


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“


سائول جبل جي هڪڙي پاسي هو تہ دائود ۽ سندس ماڻهو جبل جي ٻئي پاسي هئا. سائول کان ڀڄي وڃڻ لاءِ دائود تڪڙو تڪڙو ٿي هليو، جڏهن تہ سائول ۽ سندس ماڻهو دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنن کي چوڌاري وڪوڙيندا ٿي ويا.


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan