Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 21:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 21:7
21 Iomraidhean Croise  

جرار شهر جي ڌنارن اسحاق جي ڌنارن سان جھيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هيءُ پاڻي اسان جو آهي.“ سو اسحاق کوهہ جو نالو ”جھيڙو“ رکيو.


جيڪو مال شارون چراگاهہ ۾ چرندو هو تنهن جو نگران سطري شاروني هو. جيڪو مال ماٿرين ۾ هو تنهن جو نگران سافط ولد عدلي هو.


رڍن ٻڪرين جي ڌڻن جو نگران يازيز هاجري هو. اهي سڀ ماڻهو دائود بادشاهہ جي ملڪيت جا منتظم هئا.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.


پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.


”ٻارهن ڪلوگرام ميدي مان ٻارهن روٽ پچايا وڃن.


هر سبت تي باقاعدي اهي روٽ مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي عهد طور ٺاهي رکيا وڃن.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.


انهيءَ ئي وقت سائول پنهنجي ڏاندن پٺيان ٻنيءَ کان اچي رهيو هو. هن پڇيو تہ ”ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو هو روئي رهيا آهن؟“ ماڻهن کيس يبيس جي قاصدن جون ڳالهيون ٻڌايون.


جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


پوءِ دائود اخيملڪ کان پڇيو تہ ”ڇا هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا تلوار آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي، سو آءٌ پاڻ سان پنهنجي تلوار يا ڪي ٻيا هٿيار آڻي نہ سگھيو آهيان.“


اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“


دائود ابي‌ياتر کي چيو تہ ”مون انهيءَ ڏينهن ئي ڄاڻي ورتو هو، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو. سو آءٌ ئي تنهنجي پيءُ جي گھر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو سبب بڻيو آهيان.


تڏهن دوئيگ ادومي، جيڪو سائول جي سالارن سان گڏ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏني تہ ”مون يسيءَ جي پٽ کي نوب شهر ۾ اخيملڪ ولد اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan