Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 21:5 - Muslim Sindhi Bible

5 دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ سچ ٿو چوان تہ گذريل چند ڏينهن کان اسين عورتن کان پري آهيون. جڏهن اسين رڳو عام رواجي سفر لاءِ ٻاهر نڪرندا آهيون تڏهن بہ اسين پاڻ کي پاڪ رکندا آهيون. پر اڄ جڏهن تہ هي اسان جو خاص سفر آهي، تڏهن اسان پاڻ کي پاڪ رکڻ لاءِ ڪيڏو نہ وڌيڪ خيال رکيو هوندو!“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 21:5
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ انهن کي پاڪ ڪيائين. سو هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.


موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“


انهيءَ ميز تي تون منهنجي حضور ۾ نذراني وارا روٽ هميشہ رکندو رهج.“


اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“


هن بي‌خميري مانين واري ٽوڪريءَ مان، جيڪي خداوند جي لاءِ وقف ٿيل هيون، هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍي ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين.


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


ڏسو، جيڪڏهن خدا جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan