12 انهن لفظن دائود جي دل ۾ فڪر وجھي ڇڏيو ۽ هو جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊڄڻ لڳو.
12 ۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو.
جڏهن اتي جي ماڻهن کانئس سندس زال جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ چيائين تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ هن انهيءَ کي پنهنجي زال نہ چيو، ڇو تہ هو ڊنو ٿي تہ ”متان اتي جا ماڻهو ربقہ کي هٿ ڪرڻ خاطر مون کي ماري وجھن،“ ڇاڪاڻ تہ هوءَ تمام سهڻي هئي.
مون تنهنجي فرمان کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيو آهي، تہ جيئن تنهنجي خلاف ڪو گناهہ نہ ڪريان.
مون خداوند کان دعا گھري ۽ هن منهنجي ٻڌي آهي. هن مون کي منهنجي سڀني خوفن کان ڇڏائي ورتو آهي.
اي قادرِمطلق خدا! جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو، تڏهن منهنجي توڪل تو تي ئي رهندي.
جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي.
پوءِ عيسيٰ انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماءُ هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون.
انهن عورتن نچندي هيئن ٿي ڳايو تہ ”سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.“
پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.
تڏهن هن انهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي ۽ پاڻ کي ديواني جيان بڻايو. هو دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو ۽ پنهنجيءَ ڏاڙهيءَ تي گِگَ وهائڻ لڳو.