10 پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.
10 پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو.
الياس ڊڄي ويو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اُٿي ڀڳو. جڏهن هو يهوداہ واري بيرسبع شهر ۾ آيو تڏهن پنهنجي ماڻهوءَ کي اتي ڇڏي ڏنائين،
اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا.
سائول ۽ بني اسرائيل جا ماڻهو بہ اچي گڏ ٿيا ۽ ايلہ جي ماٿريءَ ۾ اچي خيما کوڙيائون. هنن فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌيون.
پوءِ هو ڊوڙي وڃي جالوت جي ڀرسان بيٺو ۽ سندس مياڻ مان تلوار ڪڍي سسي وڍي ڌار ڪري ڇڏيائينس. فلستين جڏهن ڏٺو تہ سندن وڏو پهلوان بہ مارجي ويو آهي، تڏهن هو وٺي ڀڳا.
اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“