Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 20:5 - Muslim Sindhi Bible

5 دائود وراڻيس تہ ”ڏس، سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي ۽ انهيءَ ڪري مون کي بادشاهہ سان گڏجي ماني کائڻي پوندي. سو مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين وڃي جھنگ ۾ لڪان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 20:5
17 Iomraidhean Croise  

هن کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڇو ٿي انهيءَ وٽ وڃين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي نہ وري سبت آهي.“ انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”بس، انهيءَ ۾ ڪا چڱائي آهي.“


جيڪڏهن منهنجو ڪو دشمن مون کي طعنا هڻي ها، تہ هوند آءٌ اهي بہ برداشت ڪري وڃان ها. جيڪڏهن منهنجو ڪو مخالف مون سان ڪا گستاخي ڪري ها، تڏهن بہ جيڪر آءٌ انهيءَ کان پاڻ کي لڪائي ڇڏيان ها.


اوهين نئين چنڊ نڪرڻ تي ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ تي، يعني پنهنجن وڏن ڏينهن جي شروعات تي نفيلون وڄايو.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


”اوهين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


تڏهن ايمان وارن انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا.


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


سو هن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ ”منهنجو پيءُ تو کي مارائڻ ٿو گھري. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي هوشياري ڪر ۽ سڀاڻي سوير تون ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي لڪي ويهہ.


پوءِ يونتن چيس تہ ”سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي. تون ڀلي نہ اچجانءِ ۽ تنهنجي جاءِ خالي هئڻ ڪري تنهنجي پڇا ٿيندي.


پرينهن تون شام ٿيندي ئي روانو ٿجانءِ ۽ انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃجانءِ جتي تون اڳ ۾ بہ لڪو هئين. اتي تون پٿرن جي ڍير جي پٺيان لڪي ويهجانءِ.


سو دائود وڃي ٻنيءَ ۾ لڪو. جڏهن نئين چنڊ جي عيد جو ڏينهن ٿيو تڏهن سائول بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو.


نئين چنڊ جي عيد جي ٻئي ڏينهن بہ دائود جي جاءِ خالي رهي. تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کان پڇيو تہ ”ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو ۽ نہ اڄ؟“


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”جيئن تون چاهيندين تيئن ئي آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.“


جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئجانس تہ ’دائود ڏاڍي اڪير سان پنهنجي شهر بيت‌لحم ڏانهن وڃڻ جي موڪل گھري، ڇاڪاڻ تہ اتي سندس سموري خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan