Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 20:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يونتن چيس تہ ”خدا نہ ڪري جو تون مرين! ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ وڏو يا ننڍو ڪم مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪين ڪندو آهي. پوءِ ڀلا اها ڳالهہ مون کان ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين هوندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 20:2
14 Iomraidhean Croise  

تڏهن هنن چيس تہ ”اسان جا آقا! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو؟ خدا نہ ڪري جو توهان جا ٻانها اهڙو ڪم ڪن.


تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


جيڪو چور سان دوستي ٿو رکي، سو پاڻ پنهنجي جان جو دشمن ٿو بڻجي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو قسم کڻي ڪا شاهدي ٿو ڏئي تڏهن هو سچ نہ ڳالهائي ڪري پاڻ تي ملامت ٿو آڻي.


جيڪي ڳالهيون خداوند خدا مون کي سيکاري ٿو، تن کان آءٌ نہ باغي ٿو ٿيان، نڪي ڀڄي پري ٿيان ٿو.


هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين غلام آهيو، ڇاڪاڻ تہ غلام کي خبر نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


جيڪو پيغام تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن ايمان آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


خدا ائين نہ ڪري جو اسين خداوند کان باغي ٿيون ۽ کانئس منهن موڙيون جو اسين خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربان‌گاهہ سندس مقدس خيمي جي اڳيان آهي، تنهن کي ڇڏي ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني ۽ ٻين قربانين لاءِ ڪا ٻي قربان‌گاهہ ٺاهيون.“


تنهن تي ماڻهن وراڻيو تہ ”خدا نہ ڪري جو اسين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪريون.


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


پوءِ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ کان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو. کيس چيائين تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟ تنهنجي پيءُ جو مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟“


اتي يونتن دائود کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا شاهد رهي تہ سڀاڻي يا پرينهن هن ئي وقت آءٌ پنهنجي پيءُ کان جاچ لهي وٺندس. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي حق ۾ ڪا چڱا ئي هوندي تہ انهيءَ دم آءٌ ماڻهو موڪلي تو کي اطلاع ڏيندس.


پر دائود وري قسم کڻي چيس تہ ”تنهنجو پيءُ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي. سو هن سوچيو هوندو تہ ’يونتن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر نہ پوي تہ چڱو، نہ تہ متان ڏک ٿئيس.‘ پر جيئري خداوند ۽ تنهنجي جان جو قسم تہ پڪ منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو هڪڙي قدم جو مفاصلو آهي.“


جڏهن تہ سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل تي ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan