1.سموئيل 20:1 - Muslim Sindhi Bible1 پوءِ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ کان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو. کيس چيائين تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟ تنهنجي پيءُ جو مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟“ Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟ Faic an caibideil |
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“
سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.