Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي انسانؤ! اوهين مغروريءَ مان ايترو گھڻو نہ ڳالهايو، اوهين پنهنجي زبان مان تڪبر واري ڳالهہ نہ ڪڍو. جيئن تہ خداوند خدا هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو، سو هو ئي آهي جيڪو سڀني جي عملن کي توريندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ايتري گهڻي مغروريءَ سان وڌيڪ نہ ڳالهايو؛ پنهنجي وات مان گستاخي نڪرڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند ئي علم جو خدا آهي، ۽ اُهو ئي عمل توريندڙ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 2:3
26 Iomraidhean Croise  

تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج،


ڀلي تہ خدا مون کي انصاف واري تارازيءَ ۾ توري، تان‌تہ منهنجي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺي.


اسان جو خداوند عظيم ۽ وڏيءَ قدرت وارو آهي. هن جي حڪمت جو ڪو ئي بہ ڪاٿو ناهي.


هنن پنهنجين دلين کي سخت بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي واتان تڪبر واريون ڳالهيون ٿا ڪن.


انهن سڀني ڪوڙن جا وات بند ڪري ڇڏ، جيڪي سچارن خلاف غرور ۽ نفرت وچان گستاخيءَ سان ڳالهائين ٿا.


پوءِ ڇا تون انهيءَ کي پوري طرح ڄاڻي نہ وٺين ها؟ ڇاڪاڻ تہ تون تہ دلين جا ڳجھہ بہ ڄاڻين ٿو.


هائو، اوهين آسمان ڏانهن پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو، اوهين ڪڏهن بہ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.‘“


ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟


انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.


ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


سچارن جي رستي ۾ ڪو کڏو کوٻو ڪونهي، هائو، اي خداوند! تون ئي سندن رستو سنئون سڌو بڻائين ٿو.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهين منهنجي خلاف بڪواس ڪريو ٿا، تڏهن بہ چئو ٿا تہ ’اسان تنهنجي خلاف ڪهڙي بڪواس ڪئي آهي؟‘


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


تڏهن زبول کيس چيو تہ ”هاڻي تنهنجي بڪواس ڪٿي آهي؟ تو ئي تہ چيو ٿي تہ ’ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهيءَ جي اطاعت ڪريون؟‘ ڇا هي اهي ئي ماڻهو نہ آهن جن تي تو ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ هاڻي ٻاهر نڪري انهن سان وڙهي تہ ڏيکار!“


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan