Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 2:25 - Muslim Sindhi Bible

25 جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو ڏوهہ ڪندو، تہ خدا انهي جو انصاف ڪندو: پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جو گناهہ ڪندو، تہ ڪير اُنهي جي لاءِ شفاعت ڪندو؟ تنهن هوندي بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي مارڻ ٿي گهريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 2:25
25 Iomraidhean Croise  

ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي.


تنهنڪري ئي عيليءَ جي گھراڻي بابت مون قسم کنيو تہ عيليءَ جي گھراڻي جي بدڪاريءَ جو ڪفارو قربانين يا نذرانن وسيلي ڪڏهن بہ قبول نہ پوندو.“


ان جو سبب هي هو جو خداوند ئي هنن جون دليون سخت ڪيون هيون تہ جيئن اهي بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪن ۽ بني اسرائيل هنن کي صفا ناس ڪري ڇڏين ۽ سمورا بي‌رحميءَ سان ماريا وڃن، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘


تون نہ ڪنهن نذراني کان نڪي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ کان خوش ٿو ٿئين، نہ تہ آءٌ اهي ئي پيش ڪريان.


پر حشبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھي وڃڻ نہ ڏنو. خداوند اسان جي خدا هن جو مزاج تيز ۽ دل سخت ڪئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ کي اوهان جي حوالي ڪري، جيڪو اڄ تائين اسان جي حوالي آهي.


پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


ڪاش! اسان ٻنهي جي فيصلي لاءِ ڪو امين هجي، جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪري.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


پر عير جا افعال خداوند جي نظر ۾ بد هئا. تنهنڪري خداوند هن کي ماري ڇڏيو.


هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ سٺو ڪونہ هو سو خداوند هن کي بہ ماري ڇڏيو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربان‌گاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي،


تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بي‌ڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.


سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خدا جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.


سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.


مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan