Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هو تہ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قرباني پيش ڪندو هو، تڏهن گوشت رجھندي ڪاهن جو نوڪر ٽيانگھي هٿ ۾ کڻي ايندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ ڪاهنن جو ماڻهن سان اهو دستور هوندو هو، تہ جڏهن ڪو ماڻهو قرباني پيش ڪندو هو تڏهن گوشت پچندي ڪاهن جو نوڪر ڪنڍو هٿ ۾ کڻي ايندو هو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 2:13
5 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“


اها هو ڪڙاهي، ديڳڙي، ديڳ يا ڪُنيءَ ۾ هڻندو هو، پوءِ جيڪو گوشت ٽيانگھيءَ ۾ اٽڪي پوندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو. اهڙيءَ طرح سيلا شهر ۾ جيڪي بہ بني اسرائيل مقدس خيمي وٽ ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ئي ڪندا هئا.


عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا.


اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan