Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ القانہ موٽي رامہ شهر ڏانهن پنهنجي گھر ويو، پر اهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 2:11
7 Iomraidhean Croise  

افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.


ٻئي ڏينهن القانہ ۽ سندس ڪٽنب وارا صبح جو سوير اٿيا ۽ خداوند جي حضور ۾ سجدو ڪيائون. پوءِ هو رامہ شهر ۾ پنهنجي گھر موٽي آيا. القانہ پنهنجيءَ زال حنہ وٽ ويو ۽ خداوند حنہ جي دعا پوري ڪئي.


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


جن ڏينهن ۾ اهو ڇوڪرو سموئيل عيليءَ جي هدايت هيٺ خداوند جي خدمت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ خداوند جو فرمان اڻ‌لڀ هو ۽ رويا اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي.


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan