1.سموئيل 2:10 - Muslim Sindhi Bible10 پر خداوند پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي طاقت عطا ڪري سوڀارو ڪندو. خداوند آسمان منجھان گجگوڙ ڪري پنهنجي مخالفن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. بيشڪ هو ئي پوريءَ دنيا جي عدالت ڪندڙ آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible10 جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو. Faic an caibideil |
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“