Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 19:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي، ۽ چيائينس تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي، يعني دائود جي حق ۾ گناهہ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تنهنجي حق ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، ۽ هن تنهنجي لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 19:4
15 Iomraidhean Croise  

تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربان‌گاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي،


منهنجي نيڪيءَ جي بدران هو مون سان بدي ڪن ٿا، جنهن جي ڪري آءٌ بلڪل مايوس ٿي وڃان ٿو.


پوءِ بہ اهي مون بي‌قصور مٿان سنبريا ڪاهہ ڪيو ٿا اچن. اُٿي کڙو ٿيءُ اي خداوند! اچ، اچي منهنجي مدد ڪر.


جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا گنهگار ٿا قرار ڏنا وڃو.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.


جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.


يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”هن کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟“


تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اوهان جي سڀني سالارن مان دائود جيڪو اوهان بادشاهہ جو ناٺي ۽ اوهان جي ذاتي محافظن جو سالار پڻ آهي، تنهن جهڙو ايماندار ڪير آهي؟ هو اوهان جي فرمانبرداريءَ لاءِ هر دم تيار ۽ اوهان جي محل ۾ عزت وارو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan