Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 19:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سائول پنهنجي پٽ يونتن ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”دائود کي ماري ڇڏيو.“ پر يونتن جيئن تہ دائود سان بيحد محبت ڪندو هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 19:1
10 Iomraidhean Croise  

هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.


هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


سائول کي اها ڳالهہ نہ وڻي، سو هو ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”دائود جي نسبت ۾ تہ هو لک ٿيون چون ۽ منهنجي نسبت ۾ رڳو هزار! سو بادشاهيءَ کان سواءِ هن کي باقي ٻيو ڇا ملڻ لاءِ وڃي بچيو آهي؟“


انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي حسد جي نگاهہ سان ڏسڻ لڳو.


سو هن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ ”منهنجو پيءُ تو کي مارائڻ ٿو گھري. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي هوشياري ڪر ۽ سڀاڻي سوير تون ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي لڪي ويهہ.


پوءِ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ کان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو. کيس چيائين تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟ تنهنجي پيءُ جو مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟“


پرينهن تون شام ٿيندي ئي روانو ٿجانءِ ۽ انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃجانءِ جتي تون اڳ ۾ بہ لڪو هئين. اتي تون پٿرن جي ڍير جي پٺيان لڪي ويهجانءِ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan