Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 18:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 18:3
9 Iomraidhean Croise  

دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


سائول پنهنجي پٽ يونتن ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”دائود کي ماري ڇڏيو.“ پر يونتن جيئن تہ دائود سان بيحد محبت ڪندو هو،


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.


پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan