Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 18:1 - Muslim Sindhi Bible

1-2 دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 18:1
17 Iomraidhean Croise  

سو هاڻي جيڪڏهن آءٌ اوهان جي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو تہ جڏهن منهنجو پيءُ، جنهن جو هن ڇوڪر ۾ ساهہ آهي، سو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي تڏهن هو مري ويندو. پوءِ اسين توهان جا ٻانها پنهنجي پيرسن پيءُ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪنداسون.


اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.


تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“


اي خداوند! مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار تہ آءٌ ان تي وفاداريءَ سان هلان. مون کي اهڙي دل عطا ڪر جيڪا رڳو تو لاءِ وقف هجي، ۽ جيڪا تنهنجو ئي خوف ڪندي رهي.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان خدا جي راز، يعني مسيح کي ڄاڻين،


سو بني اسرائيل جا سڀيئي مرد انهيءَ شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ هڪ راءِ ٿي گڏ ٿيا.


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


سائول پنهنجي پٽ يونتن ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”دائود کي ماري ڇڏيو.“ پر يونتن جيئن تہ دائود سان بيحد محبت ڪندو هو،


سو هن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ ”منهنجو پيءُ تو کي مارائڻ ٿو گھري. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي هوشياري ڪر ۽ سڀاڻي سوير تون ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي لڪي ويهہ.


يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهي سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪر، ڇو تہ تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي آڏو عهد اقرار ڪيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان ڪو قصور ٿيو هجي تہ تون پاڻ ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏ، مگر تون مون کي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڇو ٿو ڏئين؟“


پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan