Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 16:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 16:7
34 Iomraidhean Croise  

پر قابيل ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قابيل کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن ڦري ويو.


سڄي بني اسرائيل ۾ ابي‌سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي لحاظ کان تعريف جوڳو ڪونہ هو. پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.


ٻيو وڌيڪ آءٌ دائود تو کي ڇا ٿو چئي سگھان؟ اي خداوند خدا! تون پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.


تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج،


آءٌ ٻيو ڇا چوان؟ تون تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو، تنهن هوندي بہ تو پنهنجي هن ٻانهي کي ايڏي عزت ڏني آهي.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بي‌عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“


تہ تون پنهنجي عرش عظيم مان ٻڌج ۽ سندن گناهہ معاف ڪج. تون ئي آهين جيڪو دلين جا راز ڄاڻين ٿو. سو تون ماڻهوءَ جي دل کي ڄاڻيندي جيڪو جهڙي هلت هلي تنهن سان تهڙيءَ طرح هلج،


ڇا تنهنجيون اکيون ڪي ماس جون آهن؟ ڇا تون ڪو ماڻهن جيان ٿو سوچين؟


آسمان جي اوچائيءَ ڏانهن نظر ڪري ڏس، بلڪ بادلن تي ئي غور ڪر تہ اهي تو کان ڪيترو نہ مٿي آهن.


تون منهنجي اٿڻ ۽ ويهڻ کان واقف آهين، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجھي وٺين ٿو.


تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين.


جڏهن تہ قبر ۽ پاتال ئي خداوند کان ڳجھا ڪين آهن، تڏهن انسان پنهنجي دلين جا خيال کانئس ڪيئن ٿا لڪائي سگھن؟


انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.


ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.


سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بي‌بقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي،


پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو، ۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو، تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي، سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“


اوهين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا، پر آءٌ ڪنهن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان.


پوءِ انهن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ


بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“


اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيئري پٿر، يعني عيسيٰ مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو.


ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


اي انسانؤ! اوهين مغروريءَ مان ايترو گھڻو نہ ڳالهايو، اوهين پنهنجي زبان مان تڪبر واري ڳالهہ نہ ڪڍو. جيئن تہ خداوند خدا هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو، سو هو ئي آهي جيڪو سڀني جي عملن کي توريندو.


کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan