Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 16:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن اهي اتي اچي پهتا تڏهن يسيءَ جي پٽ الياب ڏانهن نهاري سموئيل دل ۾ چيو تہ ”پڪ سان خداوند جو مقرر ڪيل اهو آهي جيڪو خداوند اڳيان بيٺو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو آيا تڏهن هن الياب ڏي نهاري چيو تہ يقين آهي تہ خداوند جو مسح ڪيل سندس اڳيان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 16:6
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ يربعام پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”هاڻي بادشاهي گھڻو ڪري وري دائود جي گھراڻي ڏانهن موٽي ويندي.


بن‌ابينداب، جنهن جي زال سليمان جي ڌيءَ طافت هئي: ڪناري واري شهر دور جي آس‌پاس واري علائقي مٿان.


يسيءَ جا ست پٽ نمبروار هي هئا: الياب، ابينداب، سمعي،


يهوداہ قبيلي جو عملدار اليهو هو، جيڪو دائود بادشاهہ جي ڀائرن مان هڪ هو، اِسڪار قبيلي جو عملدار عمري ولد ميڪاايل هو،


تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.


رحبعام محالات نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي پيءُ جو نالو يريموت ولد دائود هو ۽ سندس ماءُ جو نالو ابيخيل هو جيڪا الياب ولد يسيءَ جي ڌيءَ هئي.


اي خدا! تون اسان جي محافظ بادشاهہ تي پنهنجي نظر ڪر. جنهن کي تو مسح ڪري مخصوص ڪيو آهي تنهن تي مِهر جي نظر ڪر.


پوءِ هن زبح ۽ ضلمنع کان پڇيو تہ ”جن ماڻهن کي اوهان تبور ۾ قتل ڪيو هو سي ڪيئن هئا؟“ هنن وراڻيو تہ ”اهي تو جهڙا هئا. انهن مان هر ڪو بادشاهزادو پئي لڳو.“


يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ يعني پهريتو پٽ الياب، ٻيو ابينداب ۽ ٽيون سمہ سائول سان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا.


تڏهن دائود پنهنجو سامان، لشڪر جي سامان جي نگهباني ڪندڙ جي حوالي ڪري ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجي ڀائرن کان خيرعافيت پڇڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan