Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 16:4
13 Iomraidhean Croise  

سو راخل مري ويئي ۽ کيس اِفرات يعني بيت‌لحم جي دڳ تي دفن ڪيو ويو.


افرائيم ۽ منسي انهيءَ لاءِ منهنجا ٿيندا جو آءٌ جڏهن فدان‌ارام مان آيس پئي ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هئس تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي وڌيڪ ڪنهن ٻار ڄڻڻ بنا مري ويئي. سو مون کيس اِفرات واري رستي تي دفن ڪيو.“ اِفرات کي بعد ۾ بيت‌لحم سڏيو ويو.


انهيءَ ڏينهن دائود خداوند کان ڊڄي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ ڪيئن خداوند جي عهد واري صندوق پاڻ سان کڻي وڃي سگھندس؟“


تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


هڪڙي ڏينهن حجيت مان دائود جو پٽ ادونياہ سليمان جي ماءُ بت‌سبع وٽ آيو. هن پڇيس تہ ”خير مان ٿو اچين؟“ ادونياہ وراڻيو تہ ”هائو، خير مان.“


جڏهن يورام ييهوءَ سان مليو تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”اي ييهو! خير سان تہ آيو آهين؟“ تنهن تي ييهوءَ وراڻيس تہ ”جيستائين تنهنجي ماءُ ايزبل جي بت‌پرستي ۽ جادوگري ايتريون وڌيل هونديون تيستائين خير ڇا جو.“


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.


جيئن تہ يوسف دائود جي نسل مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو دائود جي ڄمڻ جو هنڌ هو،


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.


پوءِ دائود نوب شهر ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو. اخيملڪ ڏڪندي دائود سان ملڻ لاءِ نڪري آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون ڇو اڪيلو آيو آهين؟ ڇو تو سان ٻيو ڪوبہ ڪونهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan