Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 16:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن سموئيل يسيءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجا سمورا پٽ اهي ئي آهن ڇا؟“ يسيءَ وراڻيو تہ ”سڀني کان ننڍو اڃا باقي آهي، جيڪو رڍون چارڻ ويو آهي.“ تڏهن سموئيل چيس تہ ”انهيءَ کي گھرائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيستائين هو هتي نہ ايندو تيستائين اسين ڪجھہ نہ ڪنداسين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 16:11
8 Iomraidhean Croise  

امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو. هو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو ۽ ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


سو اي ناتن! منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند قادرِمطلق جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


اهڙيءَ طرح يسيءَ پنهنجي ستن پٽن کي سموئيل جي اڳيان پيش ڪيو. مگر سموئيل چيس تہ ”هنن مان خداوند ڪنهن کي بہ ڪين چونڊيو آهي.“


سندس وڏي ڀاءُ الياب ماڻهن سان اهي ڳالهيون ڪندي کيس ٻڌي ورتو، سو هو دائود تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو کيس چوڻ لڳو تہ ”تون هتي ڇو آيو آهين؟ پنهنجيون رڍون ٻڪريون جھنگ ۾ ڪنهن وٽ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروريءَ ۽ شرارت کي آءٌ ڄاڻان ٿو، ها، تون جنگ ڏسڻ لاءِ ئي هتي آيو آهين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan