Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 15:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي شور تائين، جيڪو مصر جي اوڀر پاسي آهي، ماريندو آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي، جيئن تون شور ڏي ويندين، جو مصر جي سامهون آهي، تيستائين ماريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 15:7
11 Iomraidhean Croise  

هو بهادريءَ سان وڙهيو ۽ عماليقين کي بہ شڪست ڏنائين. هن بني اسرائيل کي ڦر ڪرڻ وارن جي هٿان ڇڏايو.


اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.


خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي هاجرہ کي شور جي رستي تي رڻ‌پٽ ۾ پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ گڏيو.


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي.


پر هجڻ تہ ائين گھرجي جو گنهگارن جو ڀلو ڪڏهن بہ نہ ٿئي، نڪي سندن عمر وڌي، بلڪ اهي پاڇي وانگر وهامندا رهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا جو خوف نہ ٿا رکن.


جن مان معلوم ٿو ٿئي تہ جڏهن خدا ڪاوڙبو آهي ۽ ماڻهن کي سزا ڏيندو آهي، تڏهن بدڪار ماڻهن کي ڪجھہ نہ ٿيندو آهي.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


تڏهن جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري هو پاڻ اتي رهڻ لڳا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا پيا اچن.


بني اوفِر، بني حويلاہ ۽ بني يوباب.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan