Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 15:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ’جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪتا هئا، تڏهن عماليقي ڪيئن نہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ رستي ۾ اچي بيٺا هئا. سو هنن جيڪي بني اسرائيل سان ڪيو هو تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 15:2
8 Iomraidhean Croise  

عيسوءَ جي پٽ اليفز کي تِمنع نالي سريت هئي، جنهن مان کيس عماليق نالي هڪ پٽ ڄائو. اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا.


جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو اهو نہ ٿا سوچين تہ آءٌ سندن سڀ بڇڙايون ڏسي رهيو آهيان، بلڪ اهي ايترو تہ بڇڙاين ۾ وڌي ويا آهن، جو انهن کي ڏسڻ سان مون کي رڳو گناهہ ئي گناهہ نظر اچن ٿا.


سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan