1.سموئيل 13:2 - Muslim Sindhi Bible2 سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيتايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي. Faic an caibideil |
جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.