Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 13:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 13:12
9 Iomraidhean Croise  

اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


تڏهن سموئيل کيس چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“ سائول وراڻيو تہ ”جڏهن مون ڏٺو تہ فلستي مڪماس ۾ اچي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو مون وٽان ٽڙي پکڙي رهيا آهن ۽ توهان بہ مقرر ڪيل وقت اندر ڪين پهتا،


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


سائول سان ملڻ جي لاءِ سموئيل صبح جو سوير اٿيو. سموئيل کي خبر پيئي تہ سائول ڪرمل شهر ۾ آيو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو ۽ پوءِ هو موٽي گشت ڪندو جِلجال ڏانهن هيٺ لهي ويو آهي.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan