Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن يعقوب پنهنجي گھراڻي سميت مصر ۾ آيو ۽ مصري کين ستائڻ لڳا، تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ فرياد ڪيو. سو خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آڻي هتي اچي آباد ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 12:8
19 Iomraidhean Croise  

هن ٻين قومن جا ملڪ سندن حوالي ڪري ڇڏيا، هائو، ٻين قومن جي محنت جو ڦل هن سندن جھوليءَ ۾ وڌو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ ”بني اسرائيل جي پوريءَ قوم کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.“


اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.


پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.


هن کين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”مون اوهان بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو ۽ اوهان کي مصرين ۽ ٻين سڀني حڪومتن جي هٿن مان ڇڏايم، جيڪي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون.


پوءِ سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”اهو خداوند ئي آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan