Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 12:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 12:10
18 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ خدا جڏهن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن سندن مصيبتن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪيائين.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


خداوند، جيڪو اسان جو منصف، اسان جو حاڪم ۽ اسان جو بادشاهہ آهي، سو ئي اسان کي بچائيندو.


منجھس اڌ جِلعاد، عستارات ۽ ادرعي، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا گاديءَ وارا شهر هئا، سي پڻ شامل هئا. اهي سڀ منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي اڌ گھراڻن کي ڏنا ويا.


تڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي جو اسان تو پنهنجي خدا کي ڇڏي بعل ديوتائن جي پوڄا پئي ڪئي آهي.“


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


تڏهن بني اسرائيل وري خداوند کي پڪاريو. سو هن سندن لاءِ هڪڙو ڇڏائيندڙ اٿاريو جنهن جو نالو اهود ولد جيرا هو. هو کاٻڙيو هو ۽ بنيامين قبيلي مان هو. بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن ڏنُ ڏياري موڪليو.


بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


پوءِ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي پڪاريو، تڏهن هن هڪڙو ڇڏائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اٿاريو، جنهن کين ڇڏايو. اهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غتني‌ايل هو.


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ظلم ڪري خداوند کي پڪاريو،


عهد واري صندوق کي قريت‌يعريم ۾ رکئي ويهن سالن جو ڊگھو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي دوران بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏائيندا رهيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan