Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 11:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 11:7
8 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو اتان روانا ٿيا. هنن جي آس‌پاس جي شهرن کي اهڙو تہ خوف وٺي ويو جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سندن پيڇو ڪونہ ڪيو.


جرار جي آس‌پاس هنن سڀ شهر تباهہ ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو خوف اتان جي سڀني ماڻهن تي ڇانئجي ويو هو. هنن اِهي سڀ شهر لٽيا ڦريا ۽ اتان کين لٽ جو گھڻو مال هٿ آيو.


يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف طاري ٿي ويو، جنهنڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي.


تنهنڪري اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ جيڪي ڪريو سو خبرداريءَ سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا وٽ بي‌انصافي ناهي، نڪي هو ڪنهن جي طرفداري ٿو ڪري ۽ نہ وري وٽس رشوت ٿي هلي.“


ياد رکو، اوهين رڳو مون قادرِمطلق خداوند کي پاڪ ڄاڻو، مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجو ئي خوف رکو.


جڏهن هو گھر پهتو، تڏهن هڪڙي ڇُري کڻي پنهنجي سريت جي لاش کي عضوو عضوو ڪري ٻارهن حصن ۾ ڪپيائين ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ عضوو ڏياري موڪليائين.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan