Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ ئي وقت سائول پنهنجي ڏاندن پٺيان ٻنيءَ کان اچي رهيو هو. هن پڇيو تہ ”ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو هو روئي رهيا آهن؟“ ماڻهن کيس يبيس جي قاصدن جون ڳالهيون ٻڌايون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 11:5
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


سو الياس اتان روانو ٿيو ۽ وڃي اليشع ولد شافاط کي لڌائين جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي رهيو هو. ڪل ٻارهن جوٽون هيون. يارهن جوٽون کانئس اڳيان هيون، هو پاڻ ٻارهين يعني آخري جوٽ سان هو. الياس وٽس ويو ۽ پنهنجي چادر لاهي هن جي مٿان اڇلائي وڌائين.


جتي هن ڦرن واريون رڍون ٿي چاريون، اُتان کيس ڪڍي آندائين، تان‌تہ هو ڌنار بڻجي سندس قوم بني يعقوب جي، هائو، پنهنجي خاص چونڊيل بني اسرائيل جي نگهباني ڪري.


هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟


۽ کين هڪل ڏنائون. سو بني دان پوئتي ڦري ميڪاہ کان پڇيو تہ ”ڪهڙي ڳالهہ آهي جو هيڏو ٽولو وڙهڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟“


بنيامين قبيلي ۾ هڪڙو وڏو اثررسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس بن ابي‌ايل بن صرور بن بڪورت بن افيخ هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan