Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 11:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 11:11
14 Iomraidhean Croise  

ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“


پوءِ دائود انهن کي ٽن ٽولن ۾ روانو ڪيو. هن هڪڙو ٽولو يوآب جي هٿ هيٺ، ٻيو ٽولو يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن جي هٿ هيٺ ۽ ٽيون ٽولو اِتي نالي هڪڙي جاتيءَ جي هٿ هيٺ روانو ڪري ڇڏيو. بادشاهہ جوانن کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ اوهان سان گڏ هلندس.“


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


تڏهن ادوني‌بزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو.


پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.


هن پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا. هن انهن سڀني جي هٿن ۾ نفيلون ۽ خالي دلا ڏنا. هر هڪ دلي ۾ هڪ مشعل هئي.


اهڙيءَ طرح ٽنهي ٽولين نفيلون وڄايون ۽ دلا ڀڳا. انهن پنهنجي کاٻي هٿ ۾ مشعلون ۽ ساڄي هٿ ۾ وڄائڻ لاءِ نفيلون جھليندي نعرو هڻي چيو تہ ”تلوار خداوند جي! تلوار جِدعون جي!“


سو ابيملڪ پنهنجو لشڪر وٺي انهيءَ کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ۽ ٻنيءَ ۾ لڪي ويهي رهيو. جڏهن هن ڏٺو تہ ماڻهو شهر مان نڪري پيا اچن تڏهن هو کين مارڻ لاءِ اُٿي سامهون ٿيو.


عموني بادشاهہ ناحس کين چيو تہ ”انهيءَ شرط تي آءٌ اوهان سان معاهدو ڪندس جو آءٌ اوهان سڀني جون ساڄيون اکيون ڪڍائي ڇڏيان ۽ اهو خواريءَ جو داغ سڄي بني اسرائيل کي لڳايان.“


جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan